اسان آئين جي پاسداري ڪندڙ آهيون: حمزا شهباز

news-details

لاهور: (خميس 27 جنوري 2022ع) ن ليگ اڳواڻ حمزا شهباز چيو آهي ته فارن فنڊنگ ڪيس ۾ ٽي بوائي جي نالي پيسا گهرايا ويا، عمران نيازي جي ڪرپشن بابت ثبوتن جا انبار آهن.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي حمزا شهباز چيو ته هر واقعي تي عمران خان ٻين کي ڏوهي قرار ڏيندو آهي، اسان اوهان کي سوڙهي گهٽي مان ڀڃڻ نه ڏينداسين، ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ٿي رهيو آهي ۽ چيو وڃي ٿو ته ڀاڻ جي رڪارڊ پيداوار ٿي آهي، اسان آبادگارن سان گڏ احتجاج ۾ شريڪ ٿينداسين.
حمزا شهباز چيو ته جڏهن عوام بک مري ٿو ۽ گوڙ ڪري ٿو ته هي نئون شوشا ڇڏيندا آهن، هي نواز شريف جي خلاف ڪوبه ثبوت نه آڻي سگهيا، اسان آئين جي پاسداري ڪندڙ آهيون، ڪوبه واقعو ٿئي هي ايڪشن وٺڻ بدران عوام کي ڏوهي قرار ڏئي ڇڏيندا آهن.
هن چيو ته جهڙي ريت عمران نيازي ڪوڙ ڳالهايو، الله کيس بي نقاب ڪيو، بني گالا جو گهر ريگولر ڪرايو ۽ ماڻهن جا گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا، آئون ۽ منهنجو والد 150 ڀيرا عدالت ۾ پيش ٿياسين، شهزاد اڪبر روانو ٿي ويو، هاڻي تنهنجو وارو آهي، اسان عمران خان کي هٽائڻ جي لاءِ هر آپشن تي عمل ڪنداسين.