لاهور: (جمعو 28 جنوري 2022ع) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت راوي اربن منصوبي کي صحيح طريقي سان عدالت ۾ پيش ناهي ڪيو. لاهور ۾ ڳالهيون ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته راوي اربن منصوبي کي سپريم ڪورٽ ۾ کڻي وڇي رهيا آهيون.
وزيراعظم عمران خان چيو ته عدالتن جو احترام ڪريان ٿو پر راوي اربن منصوبي تي حڪومت ڪيس صحيح طريقي سان پيش ناهي ڪيو. هي هڪ هائوسنگ سوسائٽي ناهي، نئون شهر تيار ڪيو پيو وڃي. هتي هڪ جديد شهر تيار ڪيو ويندو. هن چيو ته هي 20 ارب ڊالر جو پراجيڪٽ آهي ۽ ان سان پرڏيهي سرمائيڪاري ايندي. هن منصوبي سان روزگار جا موقعا ملندا. ملڪي تاريخ ۾ گهڻي انتظا رکان پوءِ ايترو وڏو منصوبو ٺاهيو ويو آهي.
وزيراعظم چيو ته آبادي ۾ واڌ سان اسان کي نوان شهر ٺاهڻ جي ضرورت آهي. ڇو ته شهر پکڙجندا ويا ته گيس، بجلي، ۽ صاف پاڻي جون سهولتون نٿيون ڏئي سگهجن. اهڙا منصوبا ٺاهڻ جي ضرورت آهي، ٻئي صورت ۾ ڪراچي جهڙا مسئلا پيدا ٿيندا. وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته راوي کي بچايو ويندو. بيراج ٺاهينداسين. اسلام آباد کان پوءِ ٻيو شهر پلاننگ جي تحت ٺهي رهيو آهي. ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ٻيٽن تي به نوان شهر ٺاهيون پر سنڌ حڪومت رنڊڪون وجهي رهي آهي.