پنجاب پوليس صوبي ۾ پب جي گيم تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو

news-details

لاهور: (جمعو 28 جنوري 2022ع) پنجاب پوليس صوبائي ۽ وفاقي حڪومت کان پب جي گيم تي پابندي جي سفارش جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
پوليس ترجمان موجب لاهور جي علائقي ڪاهنه ۾ والده ۽ 3 ٻارن جو قاتل ڇوڪرو پب جي گيم جو عادي آهي.
جوابدار اهو سوچي گوليون هلايون ته گيم جيان سڀ ٻيهر زنده ٿي ويندا. پنجاب پوليس جي ترجمان موجب جوابدار قتل ڪرڻ کان پوءِ گهر جي هيٺين حصي ۾ سمهي رهيو هو جنهن کان پوءِ جوابدار فيصل آباد ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ لڪي ويو هو.