news-details

جيڪب آباد ۾ گونگن ۽ ٻوڙن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ زنجيرون ٻڌي احتجاجي مظاهرو

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد ۾ اسپيشل ماڻهن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ پاڻ کي زنجيرن سان وڪوڙي حسين جان مينگل، شوڪت لاشاري، محمد حسن بروھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شھيد الهه بخش سومرو پارڪ کان ڊي سي چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
مظاھرين شھر جي مختلف رستن تي مارچ ڪندي نعريبازي ڪئي، مظاهرين ڊي سي آفيس آڏو پهچي ڌرڻو هنيو.
ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته حڪومت پاران اسان جي سکيا لاءِ فرنيچر ڪلب ھئا، جيڪي بند ڪيا ويا آهن، اسان جو حق کسيو ويو، جيڪا زيادتي آهي. ھنن چيو ته معذرون کي سکيا جي ڪم لاءِ ھر مھيني 3 کان 4 ھزار معاوضو ڏنو ويندو ھو، جيڪو ھاڻي بند ڪيو ويو آهي. جڏهن ته معذورن جي %5 ڪوٽا مان نوڪريون نٿيون ڏنيون وڃن، جيڪو معذورن جو جائز حق آھي.
ھنن وزيراعظم عمران خان، وڏو وزير سنڌ مراد علي شاهه ۽ ڊي سي ڊاڪٽر حفيظ احمد سيال کان مطالبو ڪيو ته اسان کي پنھنجا جائز حق ڏنا وڃن جيئن اسان پنھنجي ٻچڙن جو گذر سفر ڪري سگھون نه ته ٻي صورت ۾ محترمه شھيد بينظير ڀٽو جي مزار آڏو ڳڙھي خدا بخش ۾ احتجاج رڪارڊ ڪرائينداسين.