مردان ۾ رڪارڊ ڪورونا ڪيسز سامهون اچڻ تي اوڻيهه تعليمي ادارا بند

news-details

مردان: (ڇنڇر 29 جنوري 2022ع) مردان ۾ رڪارڊ ڪورونا ڪيسز رپورٽ ٿيڻ تي 19 تعليمي ادارن کي بند ڪيو ويو آهي.
ان حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر مردان ٻڌايو آهي ته ڪورونا ڪيسز سامهون اچڻ تي 19 تعليمي ادارن کي 10 ڏينهن جي لاءِ بند ڪيو آهي جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته انجنيئرنگ يونيورسٽي مردان ۽ مينجمينٽ سائنس ڪاليج سميت 17 اسڪولن کي بند ڪيو ويو آهي.
ضلعي انتظاميه موجب تعليمي ادارن کي ڪورونا جي وڌيڪ پکيڙ روڪڻ جي لاءِ بند ڪيو ويو آهي ۽ مردان ۾ هينئر تائين 42 تعليمي ادارا بند ڪيا ويا آهن.