والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي، وڌيڪ پنج ڪشميري شهيد

news-details

سرينگر: (آچر 30 جنوري 2022ع) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج ظلم جي داستان لکندي وڌيڪ 5 نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو. والاريل وادي ۾ هڪ ٻيو ڪارو ڏينهن، سرچ آپريشن جي آڙ ۾ ڪشميرين جي نسل ڪشي جاري آهي.
ڀارتي فوج ضلعي پلوامه ۽ بڊگام ۾ وڌيڪ پنج نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو. ڪيترن ئي علائقن ۾ موبائل ۽ انٽرنيٽ سروس معطل آهي. ڀارتي فوج جي قدمن خلاف ڪشميري روڊن تي نڪري آيا ۽ سخت احتجاج ڪيو.
مظاهرين ڀارتي فوج ۽ مودي حڪومت جي خلاف سخت نعريبازي ڪندا رهيا. واضح رهي ته مودي حڪومت جي 2019 ۾ لاڪ ڊائون جي قدمن کان پو والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۾ اضافو نظر اچي رهيو آهي. گڏيل قومن طرفان به ڀارتي حڪومت جي غيرانساني سرگرمين جي ڪيترائي ڀيرا مذمت پڻ ڪئي وئي آهي.