اسلامو فوبيا قبولڻ جوڳي نه آهي: ڪينيڊين وزيراعظم جسٽن ٽروڊو

news-details

اوتاوا: (30 جنوري 2022ع) ڪينيڊين وزيراعظم جسٽن ٽروڊو چيو آهي ته اسلاموفوبيا قبولڻ جوڳي نه آهي.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ ڪينيڊين وزيراعظم جو چوڻ هو ته اسان کي ان نفرت پکيڙيندڙ عمل کي مڪمل طور تي روڪڻ ۽ پنهنجي ڪميونٽيز کي ڪينيڊا ۾ رهڻندڙ مسلمانن لاءِ محفوظ بڻائڻ جي ضرورت آهي.
جسٽن ٽروڊو جو چوڻ هو ته ان مقصد لاءِ اسان اسلاموفوبيا کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ خاص نمائيندو مقرر ڪرڻ جو ارادو رکون ٿا.
واضح رهي ته ڪينيڊين وزيراعظم کان اڳ روسي صدر ولادميرپيوٽن به اسلاموفوبيا جي خلاف آواز اٿاريندي چيو هو ته پاڻ سڳورن جي توهين اظهار راءِ جي آزادي ناهي.