news-details

جيڪب آباد ايس ايس پي تبديل ٿيڻ باوجود امن امان جي صورتحال بهتر نه ٿي، واپارين جو احتجاج

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد ۾ ايس ايس پي جي تبديليءَ باوجود امن امان جي صورتحال بهتر نه ٿيو آهي.
جڏهن ته صدر ٿاڻي جي حد ڊگري ڪاليج وٽ نامعلوم موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن پيٽرول پمپ جي ملازمن اسرار ڏنگر ۽ عبدالغفور سومرو کان ساڍا 8 لک روپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا، ڦر جي اطلاع تي واپاري اڳواڻ احمد علي بروهي ۽ پ پ شھيد ڀٽو نديم احمد قريشي واقعي واري هنڌ پهچي ويا.
جڏهن ته حد جو ايس ايڇ او صدر به واقعي واري هنڌ پھچي معلومات ورتي.
ان سلسلي ۾ پيٽرول پمپ جي ملازم اسرار ڏنگر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته روز جي معمول مطابق پمپ جو ڪئش بينڪ ۾ جمع ڪرائڻ لاءِ نڪتاسين ته ڊگري ڪاليج وٽ ون ٽو فائيو موٽرسائيڪل سوار ٻه ھٿياربندن اڳ وٺي ساڍا 8 لک روپيا ڦر ڪئي آهي.
جڏهن ته ان سلسلي ۾ واپاري اڳواڻ احمد علي بروهي چيو ته ڦر جي وارداتن سبب واپاري سخت پريشان آهن، آءِ جي سنڌ جيڪب آباد ۾ بدامني جو نوٽيس وٺي جيئن امن امان جي صورتحال بهتر ٿي سگهي.
ان سلسلي ۾ جيڪب آباد پوليس جي ترجمان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڦر جي واردات بعد ايس ايس پي جيڪب آباد ٽي ٽيمون صدر، سٽي ۽ آءِ ٽي تي ٻڌل جوڙيون آهن جيڪي واقعي جو جاچ ڪري رهيا آهن، جلد اڳڀرائي ٿيندي.