هيلٿ سينٽر ٽنڊوڄام ۾ او جي ڊي سي ايل پاران ٽن ڏينهن جي سرجريڪل ڪيمپ لڳائي وئي

news-details

ٽنڊوڄام (رپورٽ: مستنصر علي جمالي) هيلٿ سينٽر ٽنڊوڄام ۾ او جي ڊي سي ايل پاران شفا آئي ٽرسٽ اسلام آباد جي سهڪار سان اکين جي ٽن ڏينهن جي سرجريڪل ڪيمپ لڳائي وئي، جنهن جو افتتاح او جي ڊي سي ايل جي ريجنل ڊائريڪٽر عبدالرحمان رند، ردا ٽالپر، شفا آئي ٽرسٽ اسلام آباد جي جنرل مئنيجر محمد عاطف، ڪيمپ انچارج علي گوهر مهر ربن ڪاٽي ڪيمپ جو افتتاح ڪيو.
ان موقعي تي هنن چوڻ ھو تي ٽنڊوڄام ۽ ان جي آسپاس جي عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ مفت ڪيمپ لڳائي وئي آهي، جنھن ۾ مريضن جو معائنو ڪري، مفت آپريشن ڪيا پيا وڃن ۽ مفت دوائون ۽ چشما ڏنا پيا وڃن. ھنن چيو ته ٽنڊوڄام کان پوءِ ڪنر آئل فيلڊ ۽ ٽنڊوعالم آئل فيلڊ ۾ پڻ ڪيمپ لڳائي ويندي. ھنن چيو ته ڪئمپ ۾ اکين جي ماھر سرجن ڊاڪٽر آغا شاهجهان ۽ ڊاڪٽر ياسر جوکيو جديد مشينري جي مدد سان اکين جو آپريشن ڪري رھيا آھن.
ان موقعي تي ڊاڪٽر آغا شاھجھان، ڊاڪٽر ياسر جوکيو جو چوڻ ھو ته ڪيمپ ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ مريضن جو معائنو ڪيو ويو آھي، جنھن مان ڪيترن ئي جا آپريشن ڪيا ويا آھن.
ان موقعي تي ڊاڪٽر انور الحق، ڊاڪٽر اسلم رستماڻي، ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر راشد پرويز، ڊاڪٽر جبار بلوچ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.