news-details

اومي ڪرون جي خطري بابت صحت جي عالمي اداري جو نئون بيان

جنيوا: (اربع 02 فيبروري 2022ع) صحت جي عالمي اداري جو چوڻ آهي ته ناول ڪورونا وائرس جي اومي ڪرون ويريئنٽ جو نئون قسم BA.2 جيتوڻيڪ تيزي سان پکڙجي ٿو پر اهو اصل ويريئنٽ BA.1 کان وڌيڪ خطرناڪ ناهي.
نئين ويريئنٽ بابت صحت جي عالمي اداري پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته اصل اوميڪرون ويريئنٽ تي 60کان وڌيڪ تبديليون (ميوٽيشنز) هيون، جڏهن ته بي اي 2 جي سطح تي 85 تبديليون موجب آهن، انهن تبديلين کي ڏسندي هي اصل اوميڪرون ويرئنٽ جي ڀيٽ ۾ 1.5 ڀيرا تيزي سان پکڙجڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
صحت جي عالمي اداري موجب بي اي 2 سب ويريئنٽ جيتوڻيڪ انهن کي به متاثر ڪري ٿو، جن ويڪسين لڳرائي هوندي آهي پر هن جو اثر معمولي هجي ٿو.