news-details

جيڪب آباد: ايس ٽي پي اڳواڻن تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران احتجاجي مظاهرو

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) ايس ٽي پي اڳواڻ اسد جسڪاڻي تي مبينا حملو ڪري مرڻينگ ڪرڻ ۽ ڀولو خانزادہ جي قتل جو ڪيس ايس ٽي پي اڳواڻن تي داخل ڪرڻ خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ھڪ احتجاجي جلوس ضلعي آفيس کان صدر عبدالستار جاگيراڻي، اڳوڻي ضلعي صدر ايڊووڪيٽ ھارون رشيد سومرو، نظام مستوئي، عبدالنبي مگسي، محمد عمر سولنگي، سيد علي شاهه، عورت ونگ جي اڳواڻ ادي جميلا سولنگي، وڪيل اڳواڻ زبيده جکراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍيو ويو. مظاھرين شھر جي مختلف رستن تي مارچ ڪندي سخت نعريبازي ڪئي مظاهرين پريس ڪلب آڏو پهچي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ڊي سي روڊ بلاڪ ٿي ويو.
ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ايس ٽي پي اڳواڻ اسد جسڪاڻي جي لساني تنظيم جي ڪارڪنن حملو ڪيو، جنهن ۾ ھو مرڻينگ ٿي پيو، جڏهن ته لساني تنظيم جو اڳواڻ ڀولو خانزادو پنهنجي ساٿين جي حملي ۾ مارجي ويو، پر ان باوجود به قتل جو ڪيس ايس ٽي پي اڳواڻ اسد جسڪاڻي، ذيشان جسڪاڻي ۽ ٻين تي داخل ڪيو ويو آهي، جيڪا سراسر زيادتي آهي. ھنن چيو ته اسان نه ٿا چاهيون ته سڄي سنڌ جا روڊ رستا بند ڪري عوام کي تڪليف ڏيون، اسان پرامن احتجاج ڪري سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيون ٿا ته اسد جسڪاڻي تي ڪوڙو داخل ڪيس واپس ورتو وڃي. اسد جسڪاڻي کي مرڻينگ ڪندڙ سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي. ٻي صورت ۾ ايس ٽي پي پاران سڄي سنڌ جي قومي شاهراهن تي ڌرڻو هنيو ويندو. جنهن جو ذميوار سنڌ حڪومت ھوندي.