ٽنڊوڄام (رپورٽ: مستنصر علي جمالي) ڪشميري عوام سان اظھار يڪجهتي لاءِ آل پرائيويٽ اسڪولز انسٽيٽيوشن آرگنائيزيشن پاران ٽنڊوڄام جي عبدالستار ايڌي چوڪ کان ريلي ڪڍي وئي.
ريلي جي اڳواڻي مانيٽرنگ آفيسر پرائيويٽ اسڪول حيدرآباد ريجن پير راحيل حسين، آل پرائيويٽ اسڪول آرگنائيزيشن جي صدر انجنيئر احسن حميد، تعلقه آرگنائيزر عبدالله خان، سينئر استاد منظور ميمڻ، شعيب راجپوت ۽ سجاد قريشي رهيا هئا.
ريلي شھر جي مختلف رستن کان ٿيندي مين ورڪشاپ اسٽاپ تي پھتي. ريلي ۾ شريڪ استاد ۽ شاگرد ڪشمير جي آزدي لاءِ نعريبازي پڻ ڪندا رهيا.
انهي موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڪشمير پاڪستان جو حصو آهي ۽ اسان کي ڪشميرين کان ڪير به جدا نٿو ڪري سگھي. ھنن وڌيڪ چيو ته انڊيا سالن کان غريب ۽ مسڪين ڪشميري عوام تي ظلم ڪري رھيو آھي ۽ علائقي ۾ هٿرادو ڪرفيو لڳائي عوام کي جيئڻ جو حق به نٿو ڏئي، اقوام متحده بھارت جي رياستي دھشتگردي جو نوٽيس وٺي ۽ ڪشميري عوام کي آزادي سان جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.