جيڪب آباد پوليس ٻن نوجوانن کي ھاف فراءِ ڪري ڇڏيو

news-details

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد پوليس ٻن ڌار ڌار مقابلن ۾ ٻن نوجوانن کي ھاف فراءِ ڪري ڇڏيو. صدر ٿاڻي جي حد شنبي شاهه لنڪ روڊ وٽ پوليس نوجوان علي رضا لاشاري کي مقابلي ۾ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. جوابدار وٽان پسٽل به ھٿ ڪيو ويو آهي.
جڏهن ته سول لائن پوليس ريلوي گدام ڀرسان مقابلي ۾ ھڪ ڏوهاري عامر لاشاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري پسٽل به ھٿ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻنهي واقعن جا ڌار ڌار ڪيس به داخل ڪيا ويا آهن.
جيڪب آباد پوليس جي ترجمان موجب ته ٻه ڌار ڌار مقابلن ۾ ٻن ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو آهي، گرفتار ٿيل ڏوهارين کان پسٽل به ھٿ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ٻنهي مقابلن ۾ ٽي ڏوهاري صديق بنگلاڻي، يارو رند ۽ مير حسن لاشاري فرار ٿي ويا آهن، جنهن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن، جڏهن ته زخمي ٿيل ڏوهارين جي ڪرمنل رڪارڊ به گڏ ڪيو پيو وڃي.
ٻئي پاسي زخمي نوجوان علي رضا لاشاري جي چاچي اصغر علي لاشاري احتجاج ڪندي چيو آهي ته پهرين فيبروري تي سٽي پوليس گهر تي ڇاپو هڻي ڀائيٽي کي کنڀي کڻي وئي، اسان کي شڪ ھو ته پوليس نوجوان کي فل فراءِ ڪري ڇڏيندي، جنهن خلاف ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ وڪيل معرفت نوجوان کي کنڀڻ جي درخواست داخل ڪرائي وئي هئي، نوجوان جي بازيابي لاءِ عدالتي حڪم تي سٽي ٿاڻي تي ڇاپو به ھنيو ويو پر ھو نه ملي سگهيو. ڪالهه ٽن ڏينهن کانپوءِ ان کي جڙتو مقابلي ۾ زخمي ڪيو ويو آهي.
ھنن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته جيڪب آباد پوليس پاران جڙتو مقابلي جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت سخت احتجاج ڪيو ويندو.