سعودي عرب ۾ ماسڪ نه پهرڻ تي هڪ لک ريال ڏنڊ لاڳو ٿيندو

news-details

رياض: (جمعو 04 فبيروري 2022ع) سعودي عرب ۾ ماسڪ نه پهرڻ تي ڏنڊ ٻيڻو ڪيو ويو آهي.
سعودي گهرو وزارت موجب ماسڪ نه پهرڻ جي پهريون ڀيرو ڀڃڪڙي تي هڪ هزار ريال ڏنڊ لاڳو ٿيندو.
سعودي گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته لاڳيتو ڀڃڪڙي تي ڏنڊ وڌي ويندو ۽ وڌ کان وڌ ڏنڊ هڪ لک ريال هوندو.
گهرو وزارت شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته ميڊيڪل ۽ ڪپڙن وارا ماسڪ لازميپهريو ۽ ڪورونا ايس او پيز تي عمل درآمد ڪريو.