جيڪب آباد ڀرسان مزدا جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، ھڪ ڄڻو فوت

news-details

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي آباد ٿاڻي جي حد زيرو پوائنٽ وٽ مزدا ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو ٿڏي تي فوت ٿي ويو.
جڏهن ته اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي فوتي جي سڃاڻپ 40 ورهين جي غلام اصغر مغيري طور ڪئي وئي.
اھڙي اطلاع تي وارث اسپتال پهچي ويا جتان لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.
ان سلسلي ۾ حد جي پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته فوتي جيڪب آباد شهر کان ڳوٺ طرف اچي رهيو هو ته حادثي جو شڪار ٿيو آهي، مزدا ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته فوتي جي وارثن جي اچڻ کان پوءِ وڌيڪ قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.