ميرپورماٿيلو: سبزي کڻي ويندڙ رڪشو ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻيو زخمي

news-details

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: هادي بخش جلباڻي) گهوٽڪي کان يارو لنڊ سبزي کڻي ويندڙ رڪشي ۾ خالد آباد بس اسٽپ وٽ ڪپڙو ڦاسي پيو، جنهن بعد رڪشو ڪلٽي ٿي پيو.
جنهن جي نتيجي ۾ نعيم شاهه ۽ ھاشم لنڊ سخت زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ٻنهي زخمين کي جروار جي نجي اسپتال داخل ڪيو ويو.
جتي زخمي نوجوان نعيم شاهه زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو.
هوڏانهن اطلاع تي گهر ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.