ڄامشورو: شهيد الله بخش سومرو آرٽ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ خطاطي جي نمائش لڳائي وئي

news-details

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) شهيد الله بخش سومرو يونيورسٽي آف آرٽ ڊزائن اينڊ هيريٽيجز ڄامشوري ۾ ڪميونيڪيشن ڊزائن شعبي جي ٻئي سال جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران خطاطي جي نمائش لڳائي وئي. يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ڀائي خان شر نمائش جو افتتاح ڪيو. جڏهن ته ان موقعي تي شعبي جو چيئرمين محمد سليم جهتيال ۽ ڪورس ڪو آرڊينيٽر سيد اطهر عباس زيدي ساڻس گڏ هئا.
نمائش ۾ شاگردن قديم ۽ جديدي خطاطي جي ميلاپ ۽ ان جي قسمن خطِ ڪوفيا ۽ خطِ سُلس جي آڌار تي پنهنجون تخليقون ٺاهي نمائش لاءِ رکيون. نمائش ۾ انگريزي، اردو، سنڌي، عربي ۽ بلوچي ٻولين ۾ شاگردن آيتون، قول، چوڻيون ۽ عام جملن کي خوبصورتيءَ سان لکيو. نمائش دوران شاگردن کي مارڪيٽ جي گُهرجن، سندن ڪم جي اهميت ۽ جديد طور طريقن بابت آگاهي ڏني وئي ته ڪيئن گهر ويٺي به انهن تخليقن ذريعي ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو.