news-details

جيڪب آباد پوليس جي ڪارروائي، ٽرڪ مان چرس ۽ سوپاريون ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ، ٻه جوابدار گرفتار

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي سول لائن پوليس شڪارپور ناڪه وٽ ھڪ ٽرڪ کي رپڪي تلاشي دوران 38 ڪلو چرس ۽ 300 ڪلو سوپاريون ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
جڏهن ته پوليس چرس کڻي وڃڻ جي ڏوهه ۾ عبدالصمد ميمڻ ۽ مراد مڪراني کي گرفتار ڪري پڻ قانوني ڪارروائي ڪئي وئي آهي.
ان سلسلي ۾ سول لائن پوليس موجب ته ايس ايس پي جي سخت ھدايتن تي ڪارروائي ڪئي وئي منشيات اسمگلنگ ڪندڙ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.