news-details

جيڪب آباد: زميني تڪرار تان مغيري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل

جيڪب آباد: (جمعو 11 فيبروري 2022ع) جيڪب آباد جي مولاداد ٿاڻي جي حد ڳوٺ نظر حسين مغيري ۾ مغيري برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو اڪرم مغيري قتل ٿي ويو.
جڏهن ته 4 ڄڻا جنهن ۾ عورت ليلان، علي بهار، علي بخش ۽ علي مراد مغيري زخمي ٿي پيا علائقي ۾ فائرنگ سبب خوف ھراس پکڙجي ويو اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي کين طبي امداد ڏني وئي جڏهن ته مقتول جو مڙهه ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته مغيري برادري جي طالب ۽ ايوب مغيري جي ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران هنن ھڪٻئي مٿان فائرنگ ڪري ڏني فائرنگ جو سلسلو بند ڪرائڻ لاءِ ويندڙ پيش امام گولين جو کاڄ بڻجي ويو.
پوليس موجب ڳوٺ ۾ نفري مقرر ڪري وڌيڪ خونريزي ٿيڻ کان بچايو ويو آهي. هوڏانهن فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙيل آهي.