يوم مادر وطن

news-details

ڄام شوڪت ابڙو
انساني تاريخ ۾ آھي ته آزاد قومون سال ۾ هڪ ڏينهن سياسي حوالي سان آزادي،آجپو طور ملهائينديون آھن۔ قومن جي اندر ڪنهن خاص واقعي يا ڏينهن کي مقدس سمجهي اهو ڏينهن ملهائبو آھي۔ ساڳئي طور مجبور،محڪوم ۽ زير دست قومون جن جا ديس آزاد نه هوندا آھن اهي قومون غلام هونديون آھن ته انهن قومن جا ڪي فرد ،انقلابي پارٽيون ڪنهن عظيم واقعي جو ڏينهن مقرر ڪري ان کي قومي ڏينهن طور ملهائينديون آھن جيئن قومن کي اتساھ ملي ۽ اهي پنهنجي مقصد جي حاصلات لاء اٿي بيهن۔
ايس ٽي پي جو چيئرمين مزاحمتي جنگ جو سالار ڊاڪٽر قادر مگسي جڏهن جيل مان آزاد ٿيو ته 25 ڊسمبر تي علي پيليس ۾ سندس جنم جو ڏينهن ملهايو ويو،جنهن بعد ڊاڪٽر مگسي صاحب پارٽي اڳواڻن جي سامهون هڪ نئين ڳالھ پيش ڪئي پاڻ چيائون ته اسان کي پنهنجي سوچن ۾ آڻڻ گهرجي شخصي ڏينهن ملهائڻ بدران اسان کي اهڙو ڏينهن ملهائڻ گهرجي جنهن سان قوم کي تبديل ڪري سگهي ان ڪري مخصوص ڏينهن ملهائڻ گهرجي اهڙي طرح ترقي پسند پارٽي 21 مارچ جنهن ڏينهن تي پارٽيء جو قيام عمل ۾ آيو ان ڏينهن کي يوم مادر وطن ڌرتي ماء جو ڏينهن طور ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. يوم مادر وطن کي قومي ڏينهن طور ملهائي سڄي قوم کي ان ڏينهن خوشين ۾ شامل ڪرڻ ۽ پنهنجي ماڳ تي رسڻ جو گڏيل عهد ڪيو ويندو آھي۔
ايس ٽي پي ان ڏينهن کان شعوري سڄاڳي جي نشاني بڻجي اونداهي ۽ رجعت پسندي خلاف جدوجهد جي تاريخ رقم ڪندي 1994 کان اڄ ٿائين مادر وطن جو ڏينهن پارٽي سنڌ اندر عيد طور رهي آھي،صدين کان قومي ذلت،اڻبرابري معاشي ڦرلٽ،ڌاري آباد ڪاري ۾ جڪڙيل قوم کي غلاميء مان آزادي ماڻڻ لاء احساس ۽ ويساھ پيدا ڪري ٿي۔ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هاري، مزدور، پورهيت،دڪاندار،ڪيبن وارا،رازا،واڍا،هنرمند،وڪيل،شاگرد،دانشور،سياستدان ، سنڌ جا ڀائر،ڀينرون سڄي دنيا جي نمائندن اڳيان بيهي غلاميء جي ڪاري رات جي خاتمي ۽ آزاديء جي جوىسج اڀارڻ لاء سان سنڌ جي چپي چپي تائين تي جدوجهد ڪرڻ ۽ انقلابي پروگرام سنڌ ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ جي جدوجهد جاري رکڻ جا وچن ڪندا آھن ۽ ڌرتيء ماء جي ڏينهن تي هرهڪ ڪارڪن پاڻ کي سنڌ سان ارپڻ جو عهد ڪندو آھي۔
پارٽي جي حڪم تي مادر وطن جي دعوت ڪارڊ کڻي آئون ۽ ميان محمد علي ابڙو چاچا حفيظ قريشيء کي دعوت ڏيڻ لاء هالا پراڻا وياسين،سنڌ جي ابوالڪلام چاچا حفيظ دعوت قبول ڪري چيو ته آئون مادر وطن جي جلسي ۾ ايندس پاڻ مادر وطن جي جلسي ۾ آيو اتي تقرير ڪندي چيائين ته آئون ڏاڍو بيمار هيس جڏهن ڊاڪٽر صاحب جي دعوت ابڙا برادران کڻي آيا جنهن جي ڪارڊ تي لکيل هو مادر وطن جنهن کي پڙھي آئون سڄو سراپجي ويس منهنجي جسم ۾ عجيب سگھ ڀرجي وئي ايڏو سهڻو تصور،ايڏو سٺو لفظ مادر وطن سائين حفيظ قريشيء پنج دفعا مادر وطن لفظ ورجايو،سائين حفيظ قريشي چيو ته حفيظ قريشي ان ماڻهوء تان ٿئي جنهن اهڙو تصور ۽ ايڏو خوبصورت لفظ ڏنو يوم مادر وطن تي پارٽي قيادت ۽ ڪارڪنن طرفان ڌرتي سان ڪيل وچن دهرائڻ جو رواج وڌو۔ يوم مادر وطن جيڪو پهرين 21 مارچ تي ملهايو ويندو هو ڪجھ سالن کان 24 فيبروري تي ملهايو ويندو آھي سڄي سنڌ مان لکين پورهيت، هاري ۽ مظلوم ماڻهو هن قومي ڪاڄ ۾ شريڪ ٿي سنڌ وطن سان وچن ورجائيندا آھن جيڪي پارٽي ڪارڪن سڄو سال سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن جي حل لاء هڙتالون،بک هڙتالون،ڌرڻا،مظاهرا ۽ ريليون ڪڍندا آھن مادر وطڻ انهن جي لاء اجوري جو ڏينهن هوندو آھي جيڪو انهن جا ٿڪ لاهي ڇڏيندو آھي ۽ نئين سال لاء جوش ۽ ولولو پيدا ڪندو آھي هن ڏينهن لاء ڪارڪن پنهنجا نوان ڪپڙا سبائي عيد جي ڏينهن وانگيان پهريندا آھن ۽ هن ڏينهن کي قومي عيد جو درجو ڏيندا آھن، سڄي دنيا پاڪستان،سنڌ اندر يوم مادر وطن جي موقعي تي سماجي،ثقافتي،سياسي ۽ علمي،صحافت،شاعري،ادب،فن سنگيت ۽ سائنسي خدمتن جي مڃتا جا ايوارڊ ڏنا ويندا آھن ،مهان شخصيتون جن مختلف شعبن ۾ انسانيت جي ڀلائيء لاء خدمتون سر انجام ڏنيون هونديون آھن انهن کي سندن خدمتن عيوض مڃتا ايوارڊ ڏنا ويندا آھن هي سلسلو مسلسل 1994 کان هلندو اچي دنيا ۾ به مختلف شعبن ۾ عالمي طور جن ماڻهن جوڳيون خدمتون سرانجام ڏنيون هونديون آھن انهن کي نوبل پرائيز ملندو آھي اهڙي طرح ايس ٽي پي جيڪا سنڌ اندر تبديليء ۽ جدوجهد جي علامت بڻيل آھي،جيڪا قوم پرست ۽ جهموري پارٽي آھي ۽ سنڌ جي آجپي ۽ خودمختياريء لاء ويڙھ وڙھي رهي آھي اها سنڌ اندر اهڙا ڪيترائي گمنام سپاهي جن جون سنڌ لاء خدمتون سر انجام ڏنيون آھن انهن کي مڃتا ايوارڊ ۽ لائيف ٽائيم اچيومنٽ ايوارڊ ڏيندي آھي جيئن انهن مهان شخصيتن کي مڃتا ملي سگهي هي ايوارڊ مختلف فيلڊن ۾ ڪيل خدمتن عيوض ڏنا ويندا آھن۔
پهريون ايوارڊ سائين جي ايم سيد جي نالي سان مشهور اديب نجم عباسيء کي ڏنو ويو هن ايوارڊ سان ڪو به چيڪ يا مالي امداد نه هوندي آھي پر هي سچن جذبن ۽ محبتن وارا ايوارڊ هوندا آھن۔ پارٽي چيئر مين ايوارڊ ورهائڻ کانپوء صدارتي تقرير ڪري ايندڙ سال لاء پارٽي لائين ڏيندو آھي ۽ آخر ۾ چيئرمين صاحب سان گڏ پوري سنڌ مان آيل لکين ماڻهو ڌرتي سان تجديد عهد وفا ڪندا آھن ان کان پوء اهي لکين ماڻهو چيئرمين صاحب سان گڏ ڳائي انقلاب ڳائي جو ترانو وڏي سڪ اڪير ۽ قومي جذبي سان ڳائيندا آھن آخر ۾ راڳ رنگ جي محفل ٿيندي آھي ان کانپوء لکين ڪارڪن پنهنجين دلين ۾ سندر سپنا کڻي مادر وطن جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ نئين توانائي ۽ ولولي سان واپس ٿيندا آھن ۽ مادر وطڻ تان غلاميء جي ڪاري رات جي خاتمي لاء نئين جذبي سان جنبي ويندا آھن ۽ انهن کي اهو يقين هوندو آھي ته ضرور صبح ٿيندو۔
اي مادر وطن:
اسان کي قسم آھي مينهن وسڻ کانپوء پيدا ٿيندڙ پوتر سنڌ جي مٽي ڄي خوشبوء جو جنهن جي خمير مان اسين جڙيا آھيون جنهن جي ڀارن ۾ اسان کي قيامت تائين رهڻو آھي جيسين توتي آزاديء جي بهار نه ايندي اوستائين اسان جي جدوجهد جاري رهندي۔
اي مادر وطن:
اسان کي قسم آھي چمڪندڙ تارن جو غلاميء جي هن ڪاري رات جي خاتمي تائين پنهنجي سرن جي ڏياٽين سان آزاديء ۽ امن ڏانهن هلندڙ قافلن جون راهون روشن رکنداسين۔
اي مادر وطن:
اسان کي قسم آھي اڀرندڙ سج جو جيستائين توتي عزت آجپي ۽ خوشحاليء جو سج نه اڀرندو تيستائين اسين سڀئي تنهنجي وجود جي ويرين سان هر مورچي تي ويڙھ جاري رکنداسين۔
اي مادر وطن:
اسان کي قسم آھي تنهنجي تخليق جي پهرين ڏينهن جو ان ڏينهن کان توتي وهندڙ بيگناھ رت جو اسين تنهنجي سيني کي امن و آشتي جي ستارن سان سجائيندا سنوارينداسين هتي ڪو به ڦورو لٽيرو نه رهندو۔
اي مادر وطن:
اسان کي قسم آھي تنهنجي شهرن،بحرن ٻنين ٻارين،ريگستانن ۽ جبلن جو جيڪڏهن هڪ پل به توکي وساريون ته شل ٻاٻيهائي مرون۔