روس پاران ڳالهين کان انڪار، شديد بمباري خارڪيف ۾ گئس پائپ لائين تباهه

news-details

يوڪرين: يوڪرين پاران ڳالهين جي آڇ کي روس رد ڪرڻ کان پوءِ حملن ۾ تيزي آڻي ڇڏي آهي. يوڪرين جي گادي واري هنڌ ڪيف سميت مختلف شهرن ۾ خونريزي ۽ جهڙپون جاري آهن. يوڪرين اختيارين جو چوڻ آهي ته روسي فوج خارڪيف تي قبضو ڪرڻ ۾ هيئنر تائين ناڪام آهي ۽ روسي فوج کي مختلف محاذن تي شديد مزاحمت کي منهن ڏڻو پئجي رهيو آهي. يوڪرين جي صدارتي آفيس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته روس جي فوج خارڪيف شهر ۾ گئس پائپ لائين ميزائل ذريعي تباهه ڪري ڇڏي آهي. 15 لکن واري آبادي رکندڙ خارڪيف گادي واري هنڌ ڪيف کان پوءِ يوڪرين جو ٻيو وڏوشهر آهي. يوڪرين اختيارين جو چوڻ آهي ته گئس لائين جي تباهي ماحوليات جي لاءِ خطرناڪ ٿي سگهي ٿي. گئس لائن جي تباهي جي اثرن کان بچڻ لاءِ شهرين کي دريون ۽ روشندان بند رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.