روسي فوج ايمبولينس سميت هر شئي تي حملو ڪري رهي آهي: يڪريني صدر

news-details

يوڪرين: يوڪرين جي صدر ولاديميرزيلنسڪي پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته گذريل رات روس شهري انفرااسٽرڪچر تي گولاباري ڪئي ۽ قابض فورسز شهري علائقن تي حملا ڪري رهيا آهن جتي ڪو به فوجي انفرااسٽرڪچر ناهي، روسي فوج ايمبولينسن سميت هر شئي تي حملا ڪري رهي آهي. ولاديميرزيلنسڪي جو چوڻ آهي ته روس، بيلاروس کان يوڪرين تي حملو نه ڪيو هجي ها ته منسڪ ۾ ڳالهه ٻولهه ممڪن هئي. انهن هنڌن تي ڳالهين لاءِ تيار آهيون جيڪي يوڪرين خلاف جارحيت نه ڏيکاري رهيا آهن.