news-details

روس فيس بڪ، انسٽا گرام ۽ واٽس ايپ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي

ماسڪو: (ڇنڇر 05 مارچ 2022ع) روس مشهور سوشل ميڊيا سائٽس فيس بڪ ۽ ان جي ذيلي ايپلي ڪيشنز واٽس ايپ ۽ انسٽا گرام تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب روس فيس بڪ طرفان لاڳيتو ڀڃڪڙين سبب ڪمپني جي سروس کي جمعي جي شام 4 وڳي کان بند ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب لکين ماڻهن جي ايپس تائين پهچ ختم ٿي چڪي آهي. روسي اختيارين موجب ڪمپني آڪٽوبر 2020 کان هلندڙ سال تائين 26 ڀيرا ڀڃڪڙيون ڪيون جنهن سبب سندن سروس تي پابندي لڳائي وئي آهي.
ان حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته روسي اختيارين ميٽا کان علاوه ٽوئٽر تي به جزوي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. ان کان علاوه فيس بڪ جي سينئر عهديدار به روس طرفان ڪمپني تي لڳايل پابندي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. هتي اها به ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته يوڪرين تي حملن کان پوءِ فيس بڪ گذريل هفتي ميٽا تي پابندي لاڳو ڪندي روسي اشتهارن تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي هئي.
نه صرف ميٽا پر يو ٽيوب ۽ گوگل به روسي ادارن تي پابنديون لڳايون هيون. هوڏانهن آمريڪي ٽيڪنالوجي ڪمپني ايپل به روس ۾ پنهنجي شين جي وڪرو کي بند ڪري ڇڏيو هو ۽ سروسز به محدود ڇڏي هئي.