اسرائيلي وزيراعظم جي پيوٽن سان ٽي ڪلاڪ ڊگهي ملاقات، يوڪريني صدر کي به فون

news-details

ماسڪو: (آچر 06 مارچ 2022ع) اسرائيل جي وزيراعظم نفتالي بينيٽ روسي صدر کي يوڪرين بحران تي ٽياڪڙي جي آڇ ڪئي آهي. خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب نفتالي بينيٽ ماسڪو ۾ روس جي صدر ولادي مير پيوٽن سان 3 ڪلاڪ ڊگهي ملاقات ڪئي.
يوڪرين اسرائيل سان ماسڪو ۾ ڳالهين جي درخواست ڪئي هئي. اسرائيلي عهديدار موجب ملاقات ۾ يوڪرين صوتحال تي مختلف معاملن تي ڳالهيون ٿيون. ملاقات ۾ ويانا ۾ ايران جوهري ڳالهين ۾ اڳڀرائي به بحث هيٺ آئي. ان کان علاوه اسرائيلي عهديدار ٻڌايو ته دوري جي لاءِ آمريڪا، جرمني۽ فرانس جي مدد حاصل هئي. جڏهن ته صدر پيوٽن سان ملاقات کان پوءِ اسرائيلي وزيراعظم يوڪريني صدر کي فون ڪيو.
ٻئي طرف روس جي صدر ولادي مير پيوٽن چيو آهي ته ملڪ ۾ مارشل لا لڳائڻ جو ڪو ارادو ناهي. پيوٽن چيو ته يوڪرين ۾ هر شيءَ منصوبي موجب هلي رهي آهي ۽ جيڪو ملڪ يوڪرين جي فضائي حدن کي نو فلائي زون قرار ڏيندو اهو تڪرار ۾ شامل ٿي ويندو.