news-details

عورتن جي عالمي ڏينهن تي گوگل پنهنجو ڊوڊل تبديل ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: (اڱارو 08 مارچ 2022ع) عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سرچ انجڻ گوگل پنهنجو ڊوڊل عورتن جي نالي تي ڪري ڇڏيو.
گوگل جي ڊوڊل ۾ عورت کي زندگي جي مختلف شعبن ۾ سرگرم عمل ڏٺو ويو آهي. جڏهن ته گهريلو سرگرمين ۾ مصروف عورتون به گوگل جي ڊوڊل جو حصو آهن.
انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن جي انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ عورتن جي آبادي جو پنجون حصو مختلف شعبن ۾ خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي پر عورتن کي ڪم وارين جڳهين تي هراساني کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.
عالمي عورتن جو ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد گهريلو معاملن سان گڏوگڏ زندگي جي مختلف شعبن ۾ خدمتون انجام ڏيندڙ عورتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ آهي.