سعودي عرب ۾ پهريون روزو ٻه اپريل تي ٿيندو

news-details

رياض: (سومر 14 مارچ 2022ع) سعودي ايمريٽس سوسائٽي جي چيئرمين ۽ عرب يونين فلڪيات جي ميمبر ڊاڪٽر الابراهيمي الجروان اعلان ڪيو آهي ته سعودي عرب ۾ رمضان جو چنڊ پهرين اپريل تي نظر اچڻ جو امڪان آهي جنهن کان پوءِ پهريون روزو 2 اپريل ڇنڇر جي ڏينهن ٿيندو.
پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ڊاڪٽرالابراهيمي موجب سعودي عرب سميت ٻين اسلامي ملڪن ۾ ساڳئي تاريخ کان رمضان شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.
هن ٻڌايو ته رمضان جي شروعات ۾ روزو 13 ڪلاڪ 40 منٽن جو هوندو پر ان جو عرصو 14 ڪلاڪن تائين پهچي ويندو. آخر ۾ روزي جو ٽائيم 14 ڪلاڪ 20 منٽ هوندو.