دوداپور: (خميس 17 مارچ 2022ع) دودا پور ويجهو مندراڻي ۽ ڪٽوهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان فائرنگ سبب 4 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن.
رپورٽ موجب دوداپور جي پنهون ڀٽي ٿاڻي جي حد ۾ ڪٽوهر ۽ مندراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ سبب چار ڄڻا بشير، انور، بابل ۽ ديدار ڪٽوهر مارجي ويا آهن جڏهن ته محمد ايوب ڪٽوهر زخمي ٿي پيو آهي.
فائرنگ جو سلسلو اڃان تائين جاري آهي. راڪيٽ لانچر جا 2 گولا فائر ٿيڻ سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ ڇانيل آهي.