news-details
لاھور

لاهور ٽيسٽ جو آخري ڏينهن: آسٽريليا کي ميچ کٽڻ لاءِ پنج وڪيٽن جي ضرورت

لاهور: (جمعو 25 مارچ 2022ع) لاهور ٽيسٽ جي آخري ڏينهن آسٽريليا کي پاڪستان خلاف ميچ کٽڻ لاءِ 5 وڪيٽن جي ضرورت آهي. 351 رنسن جو حدف ٺاهڻ لاءِ پاڪستان 168 رنسون ٺاهيون آهن ۽ ان جا پنج رانديگر آئوٽ ٿي چڪا آهن.
پاڪستاني ٽيم کي پهريون نقصان 70 رنسن تي ٿيو جڏهن اوپنر عبدالله شفيق 27 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. اظهر علي صرف 17 رنسون ٺاهي سگهيو. امام الحق 70 رنسن جي اننگز کيڏي. فواد عالم هڪ دفعو ٻيهر ناڪام ٿيو هو صرف 11 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. ڪپتان بابر اعظم جو ساٿ ڏيڻ محمد رضوان آيو پر اهو به ناڪام ويو هو بنا ڪنهن رنس ٺاهڻ جي آئوٽ ٿي ويو.
آسٽريليا گذريل ڏينهن پنهنجي ٻئي اننگز 227 رنسون 3 رانديگر آئوٽ تي ڊڪليئر ڪري ڇڏي هئي جنهن کان پوءِ پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 351 رنسن جو حدف مليو هو. هن وقت ڪپتان بابر اعظم ۽ ساجد خان ڪريز تي موجود آهن. پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز 0-0 کان برابر آهي.