آمريڪا بي اعتمادي رٿ حوالي سان ڌمڪي واري خط جي ترديد ڪري ڇڏي

news-details

اسلام آباد: (خميس 31 مارچ 2022ع) آمريڪا جي پرڏيهي وزارت بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان ڌمڪي واري خط ۾ ملوث هجڻ جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. برطانوي ميڊيا موجب آمريڪي پرڏيهي وزارت بي اعتمادي رٿ حوالي سان ڌمڪي واري خط جي حوالي سان الزامن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.
آمريڪي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته ڌمڪي واري خط جي الزامن ۾ ڪابه سچائي نه آهي. عدم اعتماد تحريڪ ۾ آمريڪا جي ملوث هجڻ جي الزامن ۾ صداقت ناهي. پاڪستان جي صورتحال جو جائزو وٺي رهيا آهيون. پاڪستان ۾ قانون جي حڪمراني جي حمايت ۽ آئيني عمل جو احترام ڪريون ٿا.
ياد رهي ته وزيراعظم عمران خان 27 مارچ تي اسلام آباد ۾ جلسي کي خطاب ۾ چيو هو ته بي اعتمادي رٿ ذريعي ملڪ ٻاهران حڪومت تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ ان سلسلي ۾ خط ذريعي ڌمڪي ڏني وئي آهي.