news-details
لاھور

ٻيون ون ڊي: پاڪستان پاران آسٽريليا خلاف ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو

لاهور: (خميس 31 مارچ 2022ع) پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٻيون ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان آسٽريليا خلاف ٽاس کٽي ورتو آهي. لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ ٿيندڙ ميچ ۾ بابر اعظم ٽاس کٽي مهمان ڪپتان ايرون فنچ کي بيٽنگ جي دعوت ڏني.
ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته پچ سٺي نظر اچي رهي آهي. ميچ ۾ آخري وقت دوران ڊيوفڪٽر اهم هوندو. پاڪستاني ٽيم اڄوڪي ميچ ۾ هڪ تبديلي سان ميدان ۾ لهندي. فاسٽ بالر حسن علي جي جڳهه شاهين آفريدي جي ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي.
پاڪستاني ٽيم ۾ فخرالزمان، امام الحق، بابر اعظم، محمد رضوان، افتخار احمد ۽ خوشدل شاهه شامل آهن. ان کان علاوه سعود شڪيل، شاهين آفريدي، زاهد محمود، وسيم جونيئر ۽ حارث رئوف به ٽيم جو حصو آهن.
آسٽريلوي ٽيم ۾ ايرون فنچ، ٽريوس بيڊ، ميڪڊرمٽ، مانوس لبوشين، اسٽوئنس، ڪيمرون گرين، ايلڪس ڪيري، شان ايبٽ، نيتهن ايليس، ايڊم زمپا ۽ مچل سوئپسن شامل آهن. ياد رهي ته پهرين هڪ ڏينهن واري ميچ ۾ 88 رنسن تان ميچ کٽڻ کان پوءِ مهمان ٽيم کي سيريز ۾ هڪ ٻُڙي تان برتري حاصل آهي.