news-details

پاڪستان پاران آسٽريليا خلاف ٽئين ميچ ۾ ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو

لاهور: (ڇنڇر 02 اپريل 2022ع) پاڪستان آسٽريليا خلاف ٽئين هڪ ڏينهن واري ميچ ۾ ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان جي ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. بابر اعظم چيو ته سعود شڪيل جي جڳهه آصف علي کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. اسان سيريز کٽڻ لاءِ پُراميد آهيون. آسٽريليا جي ٽيم ۾ به هڪ تبديلي ڪئي وئي آهي مچل سوئپسن جي جڳهه جيسن بيرن ڊوف کي شامل ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته ٽن ڏينهن واري ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ ۾ آسٽريليا پاڪستان کي 88 رنسن تان شڪست ڏني هئي جڏهن ته ٻئي ميچ ۾ پاڪستان آسٽريليا کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي هئي.