news-details

ڊالر جي قيمت ۾ واڌ جو سلسلو جاري، چئن ڏينهن دوران ڇهه روپيه مهانگو ٿي ويو

ڪراچي: (خميس 21 اپريل 2022ع) پاڪستان ۾ ڊالر جي قيمت ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي. انٽربينڪ ۾ ڊالر 1.33 روپيه مهانگو ٿي ويو آهي جنهن کان پوءِ هڪ ڊالر 187.25 روپين جو ٿي ويو آهي.
هلندڙ هفتي دوران لاڳيتو چوٿين ڏينهن ڊالر مهانگو ٿيو آهي ۽ چئن ڏينهن دوران ڊالر 5 روپيه 70 پئسا مهانگو ٿي چڪو آهي.
عمران خان جي حڪومت ۾ تنقيد ڪندڙ گڏيل اپوزيشن جي حڪومت ۾ به ڊالر جي قيمت ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي.