news-details

ايلون مسڪ چوئيتاليهه ارب ڊالرز ۾ ٽوئٽر خريد ڪري ورتو

واشنگٽن: (اڱارو 26 اپريل 2022ع) دنيا جي مهانگي ترين بزنس ڊيل فائنل ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ آمريڪي ڪمپني ٽيسلا ۽ نجي خلائي ڪمپني اسپيس ايڪس جي سربراهه ايلون مسڪ مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئيٽر کي تقريبن 44 ارب ڊالرز ۾ خريد ڪرڻ جو معاهدو ڪري ورتو آهي.
معاهدي موجب ايلون مسڪ ٽوئيٽر جي خريداري لاءِ 54.20 ڊالر في شيئر روڪ رقم ادا ڪندو. رپورٽن موجب معاهدي کان پوءِ ايلون مسڪ ٽوئٽر جو واحد شيئر هولڊر بڻجي ويو آهي. اهو سموري دنيا ۾ هينئر تائين ڪنهن به پرائيويٽ ڪمپني کي خريد ڪرڻ جو سڀني کان وڏو سودو آهي. برطانوي خبرون ڏيندڙ ايجنسي رائٽرز موجب ايلون مسڪ ۽ ٽوئٽر وچ ۾ سومر جي ڏينهن 44 ارب ڊالرز ۾ معاهدو طئي ٿي ويو آهي جنهن کان پوءِ هاڻ سوشل ميڊيا پليٽ فارم جو ڪنٽرول دنيا جي امير ترين شخص تائين منتقل ٿي ويندو.
ايلون مسڪ ٽوئٽر کي خريد ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪندي مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ جي في شيئر جي قيمت 54.20 ڊالر ادا ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي. رپورٽن موجب ان آڇ تي ڳالهيون گذريل هفتي تائين غير يقيني نظر اچي رهيون هيون پر هفتي جي آخر ۾ مسڪ ٽوئٽر جي شيئر هولڊرز کي پنهنجي آڇ جي مالياتي تفصيلن سان راضي ڪيو جنهن کان پوءِ معاهدي ۾ تيزي اچي وئي.
هوڏانهن دٻاءُ جو شڪار ٽوئٽر ڪمپني 54.20 ڊالرز في شيئر جي قيمت تي وڪرو ڪرڻ لاءِ ايلون مسڪ سان ڳالهيون شروع ڪيون هيون ۽ سومر جي ڏينهن اها ڊيل فائنل ٿي وئي آهي. رپورٽن موجب انهي خبر کان پوءِ ٽوئٽر جي شيئرز ۾ تقريبن 6 سيڪڙو اضافو ٿي ويو آهي.