سعودي عرب، آمريڪا، برطانيا فرانس ۽ ٻين ملڪن ۾ اڄ عيدالفطر ملهائي پئي وڃي

news-details

رياض: (سومر 02 مئي 2022ع) سعودي عرب، متحده عرب امارات ۽ خليجي ملڪن ۾ عيدالفطر اڄ ملهائي پئي وڃي. جڏهن ته برطانيه، آمريڪا، فرانس ۽ ڪينيڊا ۾ به اڄ عيدالفطر ملهائي پئي وڃي.
شاهه سلمان ولي عهد محمد بن سلمان ۽ مڪي جي گورنر عيد جي نماز مسجدالحرام ۾ ادا ڪئي. جڏهن ته مسجد نبوي صه ۾ به وڏي انگ ۾ ماڻهن عيد جي نماز ادا ڪئي. ان کان علاوه مسجد قبلتين ۽ مسجد قباءَ ۾ به عيد جي نماز ادا ڪئي وئي. سعودي عرب ۾ ٻن سالن کان پوءِ سمورين مسجدن ۽ عيد گاهه ۾ مڪمل گنجائش سان گڏ عيد جي نماز ادا ڪئي وئي.
هوڏانهن دبئي جي مسجد ۽ عيد گاهن ۾ به عيد جي نماز جا اجتماع منعقد ٿيا دبئي جي پاڪستاني مسجد ۾ پاڪستاني برادري عيد جي نماز ادا ڪئي. برطانيه ۾ به ڊگهي وقت کان پوءِ مسلمان ڪميونٽي گڏ ٿيڻ تي خوش آهي. چنڊ رات تي ايشيائي بازارن ۾ رش رهي. جڏهن ته سبيل ڪپڙن جي دڪانن تي به رش رهيو. آمريڪا ۽ ڪينڊا ۾ به اڄ عيدالفطر ملهائي پئي وڃي. جڏهن ته ڀارت، بنگلاديش ۽ سريلنڪا ۾ عيدالفطر سڀاڻي ٿيندي.