عامر لياقت جي ٽئين گهر واري طلاق لاءِ عدالت پهچي وئي

news-details

لاهور: (ڇنڇر 07 مئي 2022ع) عامر لياقت حسين جي ٽئين گهر واري طلاق لاءِ عدالت پهچي وئي آهي. دانيه بي بي نڪاح ختم ڪرڻ، حق مهر ۽ سار سنڀال ڪرڻ جي دعويٰ داخل ڪري ڇڏي آهي. تفصيل موجب ڊاڪٽر عامر لياقت حسين جي ٽئين زال طلاق وٺڻ لاءِ عدالت پهچي وئي. عدالت ڊاڪٽر عامر لياقت حسين کي 7 جون جي لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.
دانيه شاهه درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته عامر لياقت آئس جو نشو ڪندو آهي ۽ هو عياش ماڻهو آهي، عامر لياقت نشو ڪري روزاني تشدد جو نشانو بنائيندو آهي. عدالت کي استدعا آهي ته عامر لياقت سان نڪاح ختم ڪرڻ جي ڊگري جاري ڪئي وڃي. حق مهر جي مد ۾ 11 ڪروڙ روپيه ،گهر ۽ زيور ادا ڪرڻ جو به حڪم ڏنو وڃي. عدالت هڪ لک روپيه خرچ سار سنڀال لاءِ مقرر ڪري.
عامر لياقت جي ٽئين گهر واري دانيه شاهه چيو آهي ته عامر لياقت حسين جيئن نظر اچي ٿو هو ائين بالڪل نه آهي. شادي جا 4 مهينا ڪنهن اذيت کان گهٽ نه هئا. روزاني نشو ڪري مون کي تشدد جو نشانو بنائيندو هو. ننڍي ڪمري ۾ رکي تشدد ڪيو ويندو هو.
عامر لياقت مون کي ۽ منهنجي والدين کي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. پنجاب جو وڏو وزير حمزه شهباز فوري طور تي اسان کي تحفظ فراهم ڪري.