عامر لياقت خلاف سمورا ثبوت موجود آهن، مناسب وقت تي سامهون آڻيندس: دانيه شاهه

news-details

ڪراچي: (آچر 08 مئي 2022ع) قومي اسيمبلي ميمبر عامر لياقت جي ٽئين گهر واري دانيه شاهه مڙس خلاف ثبوت پيش ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. خلع جي اعلان کان پوءِ نجي ٽي وي سان ڳالهين دوران عامر لياقت مٿان الزام لڳائيندي دانيه شاهه چيو ته عامر لياقت نشو ڪندو هو ۽ نوڪرن جي سامهون عزت به نه ڪندو هو. هن 2-3 ڀيرا مارڪٽ ڪئي ۽ هڪ ڀيرو گهٽو ڏيڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي.
دانيه شاهه عامر لياقت طرفان پاڻ مٿان لڳايل الزامن تي روئيندي رد عمل ۾ چيو ته جيڪڏهن مان غلط عورت هئس ته هن مون سان شادي ڇو ڪئي؟ عامر لياقت جي گهر واري جو چوڻ هو ته خلع داخل ڪرڻ کان پوءِ عامر لياقت اسان کي وڌيڪ ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. هڪ ڇوڪري کي شهرت کان وڌيڪ عزت جي ضرورت هوندي آهي. انٽرويو ۾ دانيه شاهه چيو ته منهنجو ميڊيا ۾ اچڻ جو ڪوبه ارادو ناهي پر مان عامر لياقت سان صلح نٿي ڪرڻ چاهيان ڇو ته جيڪو شخص منهنجي زندگي برباد ڪري رهيو آهي مان ان سان ڇو صلح ڪريان؟
دانيه شاهه وڌيڪ چيو ته منهنجي خواهش آهي ته منهنجي خلع ٿي وڃي ڇو ته مان عامر لياقت سان گڏ نٿي رهڻ چاهيان. نشي بابت ڳالهيون ڪندي دانيه چيو ته مون وٽ عامر لياقت خلاف سمورا ثبوت آهن جيڪي وقت اچڻ تي ڏيکاريندس. ياد رهي ته گذريل ڏينهن کان ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي خلع جي خبرن کان پوءِ عامر لياقت حسين ٽئين گهر واري دانيه شاهه کي ان فالو ڪري ڇڏيو آهي.