news-details
ڪراچي

عامر لياقت مون کي نماز پڙهڻ به نه ڏيندو هو: دانيه شاهه جو الزام

ڪراچي: (سومر 09 مئي 2022ع) قومي اسيمبلي ميمبر عامر لياقت جي ٽئين گهر واري دانيه شاهه خلع جي درخواست داخل ڪرڻ کان پوءِ مڙس بابت هڪ ٻيو حيران ڪندڙ انڪشاف ڪندي چيو آهي ته عامر لياقت مون کي نماز به پڙهڻ نه ڏيندو هو.
صحافين سان ڳالهين دوران دانيه شاهه چيو ته شادي کان پوءِ مان عامر لياقت سان تمام گهڻي اذيت ۾ وقت گذاريو. ان دوران مون الله آڏو روئي دعا گهري ته ياالله مون کان ڪا غلطي ٿي آهي ته مون کي معاف ڪر، ڇو ته هي ماڻهو مون کي نماز به پڙهڻ نٿو ڏئي. عامر لياقت جي گهر کان بهاولپور ڪيئن وئي؟ واري سوال تي دانيه شاهه چيو ته عيد کان اڳ مون عامر لياقت کي منٿون ڪيو، هٿ ٻڌا ته ڪجهه ڏينهن ۾ واپس اچي ويندس جنهن کان پوءِ هن مون کي بهاولپور وڃڻ جي اجازت ڏني.
دانيه چيو ته عامر لياقت جهڙا ماڻهو پنهنجي ماءُ کي عزت نٿا ڏئي سگهن ته اهي ٻين عورتن جي ڪهڙي عزت ڪندا. شادي جي ٻئي ڏينهن ئي هن نوڪرن جي سامهون مون کي عزت نه ڏني. هي صرف ميڊيا جي سامهون مون سان پيار ڪندو هو.
ياد رهي ته تازو ئي دانيه شاهه هڪ انسٽاگرام اسٽوري شيئر ڪئي هئي جنهن ۾ هن آگاهه ڪيو هو ته مون مڙس کان خلع جي لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو آهي. دانيه شاهه عامر لياقت تي سنگين الزام لڳائيندي چيو ته هو مون کي نشو ڪري تشدد جو نشانو بنائيندو هو. عامر لياقت جهڙو نظر ايندو آهي اهڙو نه آهي.