news-details
ڪولمبو

سريلنڪا ۾ بدترين معاشي بحران ۽ عوامي دٻاءُ کان پوءِ وزيراعظم استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

ڪولمبو: (سومر 09 مئي 2022ع) سريلنڪا ۾ جاري بدترين معاشي بحران ۽ ايمرجنسي دوران وزيراعظم مهندا راجا پاڪسي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب سريلنڪن حڪومت جي اختيارين وزيراعظم طرفان استعيفيٰ پيش ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته وزيراعظم پنهنجي استعيفيٰ صدر ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي. ٻئي طرف سريلنڪن صدر گوٽابايا راجاپڪسي جي حامين ۽ مظاهرين وچ ۾ چڪريون پڻ ٿيون آهن. ڪولمبو ۾ ٿيندڙ چڪرين دوران حڪمران پارٽي جي پارليامينٽ ميمبرن سميت 2 ڄڻا مارجي ويا آهن جڏهن ته زخمين جو انگ 139 ٿي ويو آهي. هوڏانهن ڪولمبو ۾ چڪرين کان پوءِ اڻڄاڻايل مدي لاءِ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي. ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته صدر راجا پاڪسي جي حامين صدارتي آفيس آڏو ڌرڻو هڻندڙ مظاهرين مٿان ڏنڊن سان حملو ڪيو هو.
پرڏيهي ميڊيا موجب عام واهپي وارين شين، تيل ۽ ٻين ضروري شين جي کوٽ، رڪارڊ مهانگائي ۽ بجلي جي بندش 1948ع ۾ برطانيه کان آزادي ماڻڻ کان پوءِ ملڪ جي سڀني کان وڏي تڪليف ڏيندڙ بدحالي وڏي پيماني تي پريشانيون پيدا ڪري ڇڏيون آهن. اڱاري تي نئين ناڻي واري وزير عهدو سنڀالڻ جي صرف هڪ ڏينهن کان پوءِ استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو هو. عوام طرفان ڪيترين ئي حڪومتي شخصيتن جي گهرن تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جڏهن ته ملڪ ۾ مظاهرا پڻ ڪيا پيا وڃن.
ياد رهي ته صدر راجا پاڪسي جي آفيس آڏو مظاهرين 9 اپريل کان ڌرڻو هڻي ويٺل آهن اهي سريلنڪن صدر کان به استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن. ياد رهي ته صدر گوٽابايا راجا پاڪسي وزيراعظم مهندا راجا پاڪسي جو ننڍو ڀاءُ آهي.