اومي ڪرون جا نوان ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ وزيراعظم اين سي او سي کي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

news-details

اسلام آباد: (اڱارو 10 مئي 2022ع) وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ اومي ڪرون وائرس جا نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ کان پوءِ اين سي او سي کي فوري طور تي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
رپورٽ موجب وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ اومي ڪرون جي نون ڪيسز جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي جنهن کان پوءِ هن فوري طور تي ڪورونا کان بچاءُ جي لاءِ ٺاهيل اداري نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر(اين سي او سي) جي بحالي جو حڪم ڏنو آهي. وزيراعظم اومي ڪرون جي ڪيسز واري معاملي تي صحت واري وزارت کان موجوده صورتحال بابت رپورٽ به طلب ڪري ورتي آهي.
گذريل ڏينهن صحت کاتي پاڪستان ۾ اومي ڪرون ڪيسز جي تصديق ڪئي هئي. صحت واري اداري موجب نئين ويرينٽ سبب مختلف ملڪن ۾ ڪيسز جي انگ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.
ياد رهي ته اين سي او سي ملڪ ۾ ڪورونا جي عالمي وبا پکڙڻ کان پوءِ گذريل حڪومت واري دور ۾ قائم ڪيو ويو هو جنهن جي سربراهي اسد عمر ڪري رهيو هو. جنهن کان پوءِ تحريڪ انصاف جي حڪومت ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسز جي شرح گهٽ ٿيڻ تي اپريل ۾ اداري کي صحت واري وزارت ۾ ضم ڪري ڇڏيو هو.