news-details
ڪولمبو

سريلنڪا ۾ معاشي بحران: مظاهرن ۽ چڪرين دوران پنج ڄڻا مارجي ويا، استعيفيٰ ڏيندڙ وزيراعظم جي گهر کي باهه

ڪولمبو: (اڱارو 10 مئي 2022ع) سريلنڪا ۾ مالياتي بحران تي ڪنٽرول ۾ ناڪامي تي حڪومت خلاف جاري احتجاج ۾ شدت ايندي پئي وڃي ۽ چڪرين ۾ هينئر تائين 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ 190 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن جنهن کان پوءِ سموري ملڪ ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب راجا پاڪسي پاران وزيراعظم جي عهدي تان استعيفيٰ سندس حامين کي مڇرائي ڇڏيو آهي مظاهرين صدارتي آفيس ٻاهران احتجاج ڪندڙ حڪومت مخالف مظاهرين تي حملو ڪري ڏنو جنهن سان صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي. هينئر تائين مختلف چڪرين ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ 190 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن. ڪرفيو جي باوجود حالتون ڪنٽرول ۾ نه پيون اچن. مارجي ويلن ۾ حڪمران پارٽي جو پارليامينٽ ميمبر به شامل آهي. پوليس موجب ڪولمبو کان ٻاهر ٿيندڙ چڪرين ۾ حڪمران پارٽي جي پارليامينٽ ميمبر امارا ڪيرتهي پنهنجي ڪار جي سامهون ايندڙ ٻن ڄڻن تي فائرنگ ڪئي جنهن مان هڪ ڄڻو ٿڏي تي فوت ٿي ويو. مظاهرين کان بچڻ لاءِ پارليامينٽ جي ميمبر پاڻ کي گولي هڻي ڇڏي.
مڇريل مظاهرين ڪرونيگالا شهر ۾ راجا پاڪسي جي اباڻي گهر کي به باهه ڏئي ڇڏي جڏهن ته ڪولمبو ويجهو مڇريل ماڻهن اڳوڻي وزير ۽ حڪومتي پارٽي جي 2 پارليامينٽ ميمبرن جي گهرن کي به باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. ياد رهي ته مظاهرين استعيفيٰ ڏيندڙ وزيراعظم راجا پاڪسي جي ڀاءُ ۽ سريلنڪا جي صدر گوتابايا راجا پاڪسي کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهيا آهن ۽ ان جي آفيس جي ٻاهران هڪ مهيني کان ڌرڻو هڻي ويٺل آهن.
سريلنڪا ۾ هن وقت مالي بحران بدترين ٿي ويو آهي. حڪومت وٽ تيل جي درآمد لاءِ پرڏيهي ڪرنسي جو بحران آهي ۽ تيل جي کوٽ سبب ملڪ کي بجلي جي به شديد کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. شهري پيٽرول ۽ تيل جي لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ قطارن ۾ لڳڻ تي مجبور آهن.