پاڪستان ۾ آمريڪي ڊالر تاريخ جي بلند ترين سطح هڪ سئو نوي روپين تي پهچي ويو

news-details

ڪراچي:(اربع 11 مئي 2022ع) پاڪستان ۾ آمريڪي ڊالر تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو. انٽر بئنڪ ۾ ڊالر هڪ روپيو 34 پئسا واڌ سان 190 روپين جو ٿي ويو.
ڪاروباري هفي جي ٽئين ڏينهن انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 190 روپين جي ريٽ تي وڪرو ٿيڻ لڳو. جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 2 روپيه مهانگو ٿيو جنهن کان پوءِ 191 روپيه 50 پئسن تي وڪرو ٿيو. ٻئي طرف اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 425 پوائنٽس جي گهٽتائي سان 100 انڊيڪس 43 هزار 79 پوائنٽن جي سطح تي وڪرو ٿيو.
گذريل ڏينهن انٽر بئنڪ ۾ روپئي جي مقابلي ۾ آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ هڪ روپيو 13 پئسن جو وڏو اضافو ڏٺو ويو هو جنهن کان پوءِ ڊالر جي قيمت 187 روپيه 53 پئسن مان وڌي 188 روپيه 66 پئسا ٿي وئي آهي.
ياد رهي ته هلندڙ مالي سال ڊالر جي قيمت ۾ 32 روپيه 46 پئسن جو اضافو ٿي چڪو آهي. ڊالر جي قيمت ۾ واڌ سان پرڏيهي قرضن ۾ 4 هزار ارب روپين جو بار وڌيو آهي.