ڀارت ۾ شادي تقريب دوران بجلي بند ٿيڻ سان ڪنوارون تبديل، گهوٽ ۽ ڄاڃي پريشان

news-details

نئين دهلي: (اربع 11 مئي 2022ع) ڀارت ۾ شادين دوران غير معمولي واقعا پيش اچڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي. پر هن ڀيري ٿيندڙ واقعي ڪنوارن سميت ڄاڃين کي به پريشان ڪري ڇڏيو.
ڀارتي رياست مڌيا پرديش جي هڪ ڳوٺ ۾ شادي جي تقريب جاري هئي ته اوچتو بجلي هلي وئي، جنهن سبب ڪنوارون مٽجي ويون، ٻنهي ڀينرن جي شادي هڪٻئي جي گهوٽن سان ٿي وئي. ڀارتي ميڊيا موجب رميش لال نالي شهري جي ٻن ڌيئرن جي شادي مختلف خاندانن سان تعلق رکندڙ ڇوڪرن سان ٿيڻي هئي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته شادي واري ڏينهن ٻنهي ڪنوارن جو منهن ڍڪيل هو ۽ عرسي لباس هڪ جهڙو هو جنهن سبب ٻئي ڪنوارون رسمن جي ادائيگي دوران بجلي وڃڻ سان مٽجي ويون. حالانڪه شادي جون رسمون پڻ ادا ڪيون ويون. ڪنهن کي به غلطي جو احساس نه ٿيو ته سالو ۽ سالي شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي رهيا آهن.
خبر تڏهن پئي جڏهن بجلي آئي جنهن کان پوءِ سمورا ڄاڃي دنگ رهجي ويا. ٻنهي ڀينرن جي رسمن دوران غلطي جو احساس ٿيڻ کان پوءِ ڳالهه ان نتيجي تي پهتي ته ٻئي ڀينرون پنهنجن مڙسن سان رهيل رسمون ادا ڪنديون.