news-details
اسراٸيل

اسرائيلي فورسز جي فائرنگ: عورت صحافي مارجي وئي

رملا: (اربع 11 مئي 2022ع) اسرائيلي فورسز جي فائرنگ سبب الجزيره ٽي وي چينل جي عورت صحافي مارجي وئي.
پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب الجزيره ۽ فلسطين جي صحت واري وزارت شيرين ابواقلاح جي موت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. الجزيره جي رپورٽ موجب اسرائيلي فورسز طرفان عورت صحافي شيرين ابواقلاح کي فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ جا سبب سامهون ناهن اچي سگهيا پر سامهون ايندڙ وڊيوز موجب عورت صحافي کي مٿي تي گولي هنئي وئي.
صيهوني فورسز جي فائرنگ سبب فوت ٿيل شيرين ابو اقاح الجزيزه جي عربي سروس جي مشهور صحافي هئي. پرڏيهي ميڊيا موجب شيرين ابواقلاح جي فورسز جي فائرنگ سبب قتل تي اسرائيل طرفان ڪنهن به رد عمل جو اظهار ناهي ڪيو ويو.
رپورٽن موجب صحافي عورت فلسطينين جي گهرن مٿان اسرائيلي فورسز جي ڇاپن جي ڪوريج ڪري رهي هئي ان دوران فلسطين تي قابض اسرائيلي فوج جي فائرنگ سبب شيرين ابواقلاح مارجي وئي.