سيده نه آهيان، عامر لياقت جي چوڻ تي نالي اڳيان سيده لڳايو: دانيه ملڪ

news-details

ڪراچي: (خميس 12 مئي 2022ع) تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر عامر لياقت جي ٽئين گهر واري دانيه ملڪ طرفان نڪاح ختم ڪرائڻ جي درخواست داخل ڪرڻ کان پوءِ مڙس مٿان الزامن جو سلسلو جاري آهي.
هاڻ دانيه ملڪ هڪ ٻيو انڪشاف ڪندي چيو آهي ته مان سيده نه آهيان پر ملڪ ذات سان تعلق رکان ٿي. انسٽاگرام اسٽوري ذريعي دانيه شاهه ٻڌايو ته اڄ مان اوهان سڀني کي ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته مان سيده نه آهيان پر ملڪ آهيان. سيده لکڻ جي حوالي سان دانيه چيو ته مون کي عامر لياقت چيو ته مان پنهنجي نالي جي اڳيان سيده لکرايان مون کيس گهڻو روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، سمجهائڻ چاهيو ته اها غلط ڳالهه آهي سڀاڻي ڪو مسئلو ٿيندو پر هن چيو ته اهو منهنجو مسئلو آهي.
دانيه وضاحت ڏيندي چيو ته اوهان سڀ ڏسي سگهو ٿا ته منهنجي نڪاح نامي تي به سيده جي بجاءِ ملڪ ئي لکيل آهي. ياد رهي ته دانيه ملڪ پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي پنهنجي نالي سان گڏ عامر لياقت جو نالو هٽائي ڇڏيو آهي.