news-details

ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڊالر هڪ سئو ٽيانوي روپين تي پهچي ويو

ڪراچي: (جمعو 13 مئي 2022ع) ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڊالر 193 روپين جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو. رپورٽ موجب ڊالر جي قدر ۾ اضافي ۽ روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي جو سلسلو برقرار آهي.
جمعي جي صبح ڊالر جي قيمت ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو رڪارڊ سطح تي پهچي وئي. جمعي جي صبح انٽربينڪ ۾ ڊالر جي قدر ۾ هڪ روپيو 30 پئسن جو اضافو ٿيو جنهن کان پوءِ ڊالر جي قدر 193 روپين کان وڌيڪ ٿي وئي جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 193 روپين کان وڌيڪ قيمت تي پهچي ويو.
ماهرين موجب اڄ شام مارڪيٽ بند ٿيڻ تائين ڊالر جي قدر ۾ وڌيڪ اضافي جو امڪان آهي. پهرين اپريل کان هينئر تائين ڊالر تقريبن 8 روپين تائين مهانگو ٿي چڪو آهي. سياسي عدم استحڪام ۽ آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ ناڪامي سبب ڊالر بي قابو ٿيو آهي.