news-details
دبٸي

يو اي اي جو صدر شيخ خليفه بن زايد النهيان لاڏاڻو ڪري ويو

دبئي: (جمعو 13 مئي 2022ع) متحده عرب امارات جو صدر شيخ خليفه بن زايد النهيان لاڏاڻو ڪري ويو. متحده عرب امارات جون سرڪاري خبرون ڏيندڙ ايجنسي خليفه بن زايد النهيان جي لاڏاڻي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته صدر جي لاڏاڻي تي 40 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب شيخ خليفه بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي 40 ڏينهن سوڳ سان گڏ 3 ڏينهن جي عام موڪل به هوندي. جڏهن ته ان دوران قومي جهنڊو سرنگون رهندو. صدارتي اعلان ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي، سرڪاري ۽ نجي شعبي ۾ 3 ڏينهن موڪل رهندي.
شيخ خليفه بن زايد النهيان 3 نومبر 2004 کان متحده عرب امارات جو حڪمران هو ۽ هن پنهنجي والد شيخ زايد بن سلطان آلنهيان جي وفات کان پوءِ يو اي اي جي قيادت سنڀالي هئي.