news-details

ماڊل ايان علي پاران اڳوڻي وزيراعظم عمران خان مٿان سخت تنقيد

دبئي: (جمعو 13 مئي 2022ع) ماڊل ايان علي تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو آهي.
ايان علي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي نه گهبرائڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي. ماڊل ايان علي پاڻ بابت عمران خان جي بيان جو حوالو ڏيندي چيو ته مان 20 سالن جي عمر ۾ ننڍا ڪيس وڙهي کٽي چڪي آهيان. اميد آهي اوهان گهبرائيندو نه ڏسون ٿا اوهان ڪيترا ڏينهن برداشت ڪريو ٿا.
ايان علي وڌيڪ چيو ته ٻه عادتون شايد اوهان مرڻ تائين نٿا ڇڏي سگهو پهرين عادت منهنجي نالي تي ٽي آر پي ڪمائڻ ۽ ٻيو ڪوڙ ڳالهائڻ ڇو ته سچ ڳالهائڻ اوهان سکيو ئي ناهي. اوهان 4 سال وزيراعظم رهيو پر پوءِ به منهنجي مٿان ڪوڙا الزام لڳائڻ کان سواءِ اوهان جي تقرير ۽ خبر مڪمل نٿي ٿئي.
ياد رهي ته ماڊل اياز علي تي مني لانڊرنگ جا الزام هئا ۽ عمران خان پنهنجي تازي تقرير ۾ ايان علي جو حوالو ڏنو هو.