شيخ محمد بن زايد النهيان يو اي اي جو صدر چونڊجي ويو

news-details

دبئي: (ڇنڇر 14 مئي 2022ع) شيخ محمد بن زايد النهيان متحده عرب امارات جو نئون صدر چونڊجي ويو آهي.
عرب ميڊيا موجب متحده عرب امارات جي سپريم ڪائونسل شيخ محمد بن زايد النهيان جي صدر چونڊجڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
61 سالا شيخ محمد بن زايد النهيان متحده عرب امارات جو ٽيون صدر آهي جيڪو پنجن سالن جي صدر چونڊجي ويو آهي. کيس خليفه بن زايد النهيان جي لاڏاڻي کان پوءِ صدر چونڊ ڪيو ويو آهي.
شيخ محمد بن زايد النهيان 2004 کان ابو ظهبي جو ولي عهد هو هاڻ هو ابوظهبي جو 17هون حڪمران هوندو.