ملڪ ڇڏڻ کان اڳ عامر لياقت پنهنجن ٻارن کي نصيحت ڪري ڇڏي

news-details

ڪراچي:(آچر 15 مئي 2022ع) پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) جي قومي اسيمبلي ميمبر عامر لياقت هميشه لاءِ پاڪستان ڇڏڻ کان اڳ پنهنجي پٽ ۽ ڌيءَ جي لاءِ هڪ جذباتي پيغام شيئر ڪيو آهي.
عامر لياقت انسٽاگرام تي پٽ احمد ۽ ڌيءَ دعا جي تصوير شيئر ڪندي هڪ ڊگهو پيغام شيئر ڪيو جنهن ۾ هن ملڪ ڇڏڻ جي فيصلي جو اعلان ڪندي ڌيءَ ۽ پٽ کي مشورو به ڏنو. عامر لياقت لکيو ته منهنجا ٻارڙو هاڻ توهان وڏا ٿي ويا آهيو. دعا پڙهي لکي هڪ بهتر مقام حاصل ڪندي ۽ احمد به هڪ وڏو انجنيئر بڻجندو. توهان جو پيءُ بي قصور هو، پر توهان نه اڳ سمجهيا نه ئي وري هاڻ سمجهندو ان جو سبب بدترين سوشل ميڊيا آهي.
هن لکيو ته جڏهن اوهان پنهنجو اصلي روپ رکو ٿا ته بنا ڪنهن رنڊڪ جي اوهان کي شيطان چئي سڏيو ويندو آهي. پر جيڪڏهن اوهان هڪ مصنوعي اخلاقيات کڻي ايندا آهيو ته منافق سڏرائيندا آهيو. عامر لياقت پنهنجي پوسٽ ۾ پنهنجي ڌيءَ کي مخاطب ٿيندي لکيو ته دعا اوهان منهنجي عزت ڪريو يا نه ڪريو، اوهان جي اڳوڻي اسڪول جي استاد مون کي اوهان جي ڪلاس ۾(ڊيڊ مين) چيو پر اوهان خاموشي اختيار ڪئي. مختلف وقتن تي اوهان پنهنجي پيءُ کي گهٽ وڌ ڳالهايو پر مان اوهان سان هميشه محبت ڪندس.
قومي اسيمبلي جي ميمبر پنهنجي پوسٽ ۾ پنهنجن ٻارن کي وڌيڪ چيو ته مان اوهان ٻنهي کي مشورو ڏيان ٿو ته ڪنهن به قيمت تي پنهنجي ماءُ جي عزت ڪرڻ نه ڇڏجو ۽ جڏهن به اوهان جي ماءُ کي اوهان جي ضرورت هجي ان جو وڌ کان وڌ خيال رکجو. اهو به واضح ڪري ڇڏيان ته مون کيس طلاق نه ڏني هئي. اها صرف هڪ غلط فهمي تي ٻڌل ڪهاڻي آهي. هو اڃان به منهنجي زال آهي. عامر جو لفظ پنهنجي نالي تان هٽائڻ بشريٰ جي چونڊ هئي. هو هڪ بهترين ڪردار، پرهيزگار ۽ مثالي علم جي مالڪ آهي. هو هڪ عظيم ماءُ آهي پر بدقسمتي سان بدترين زال آهي.
ماڻهن کي ته خبر ئي ناهي ته 20 سالن کان پوءِ ڇو مون ٻئي زال جي چونڊ ڪئي. اهو اسان ٻنهي وچ ۾ ذاتي ۽ نازڪ معاملو آهي ۽ مان اوهان جي والده سميت ڪنهن کي به اجازت نه ڏيندس ته ڪو منهنجي خاندان جي پرائيويسي تي حملو ڪري. عامر لياقت ٻڌايو ته منهنجي مٿان ڪجهه قرض آهي. جنهن کي جلد کان جلد ادا ڪندس. هن وقت مون وٽ پئسا ختم ٿي ويا آهن. ملڪ ڇڏي ويندس پر مان اوهان ٻنهي سان هميشه محبت ڪندو رهندس.