news-details
ڪراچي

ايم ڪيو ايم سان معاهدو ٿيو آهي، سنڌ حڪومت ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ناهي ٿيو: وڏو وزير

ڪراچي: (آچر 15 مئي 2022ع) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ايم ڪيو ايم هڪ وڏي پارٽي آهي، ان سان لکت ۾ معاهدو ٿيو آهي پر ايم ڪيو ايم کي سنڌ حڪومت ۾ شامل ڪرڻ جو في الحال ڪوبه فيصلو ناهي ٿيو. جيڪڏهن هو اچڻ چاهين ٿا ته مان کين ڀليڪار چوندس.
پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ چونڊن دوران هٿيار کڻي گهمندو رهيو، پوليس ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته جڏهن حليم عادل گرفتار ٿيو ته ان کي پيٽ ۾ تڪليف ٿي. پيٽ جي تڪليف سبب ان کي اسپتال اماڻيو ويو پر هو اسپتال ۾ به ڊرامو ڪندو رهيو ۽ پنهنجي سالگره ملهائيندو رهيو.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته آصف زرداري قومي اسميبلي ۾ چيو هو ته چارٽر آف اڪانومي ٿيڻ گهرجي اها آصف زرداري جي خوبي هئي. پر هن وقت عمران نيازي سڀني کي ختم ڪري صرف پاڻ رهڻ چاهي ٿو.